تيزابي سون

تيزابي سون

تيزابي سون

تيزابي سون: سون جي خالص صورت تيزابي، خاص سون کي 24 قيراط (Carot) جو سون چيو ويندو آهي. سون جي پرک جو بنيادي نالو اهو ئي آهي، جيئن ته 24 قيراط جو خالص سون شوري جي تيزاب ۾ حل نه ٿيندو آهي، ان ڪري ان کي تيزابي سون چيو ويندو آهي،پر ٽن حصن شوري جي تيزاب ۽ هڪ حصي لوڻ جي تيزاب ۾ خالص سون حل ٿي ويندو آهي. خالص سون ايترو ته نرم ٿيندو آهي جو ان مان زيور به ٺاهي نه سگهبا آهن. هڪ تولي خاص سون مان ڏيڍ تقريباً ميل ڊگهي تار تيار ڪري سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن ان ئي مقدار مان پَتِرو يا ورق تيار ڪيو وڃي ته اهو 6 چورس فوٽن تي وڇائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان سون ۾ چاندي، ٽامو يا ٻي ڪا ڌات ملائينداسين ته ملاوٽ جي مقدار جي مطابق ان کي 22 قيراط، 21 قيراط، 16 قيراط، 14 قيراط يا 12 قيراط چئبو، 12 قيراط جي سون ۾ 50 سيڪڙو ملاوت هوندي آهي. زيور عام طور 22 قيراط ٺاهيا ويندا آهن، يعني زيور جو خالص سون 22 قيراط تصور ڪيو ويندو آهي .


لفظ تيزابي سونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


سون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيزابي سون
سون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون